SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جنرل اسيمبلي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


جنرل اسيمبلي

General Assembly

جينرل اسيمبلي

هي گڏيل قومن جي ڇهن مکيه جُزن(Organs) مان اهم ترين جُز آهي. اداري جا مڙئي رڪن مُلڪ هن جزي جا رڪن هوندا آهن. اداري جي پڌرنامي يا ميثاق جي دائري ۾ رهندي، اهو جز دُنيا جي ڪنهن به مسئلي ۽ موضوع تي بحث ڪري سگهي ٿو. بهرحال ان اداري جون سفارشون ڪنهن به رڪن ملڪ تي مڃڻ جي پابندي نه آهي. جنرل اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ گڏيل قومن جي اداري سان واڳيل مالي ۽ سياسي معاملن تي بحث ڪرڻ سان گڏ، بُنيادي پاليسيون جوڙڻ، نون ملڪن طرفان مليل درخواستن تحت کين ميمبر بنائڻ/ رد ڪرڻ ۽ سالياني بجيٽ جي منظوري 2/3 جي اڪثريت سان ڏيڻ شامل آهي. اهو جز سلامتي ڪائونسل جا ”غير مستقل رڪن“ ۽ گڏيل قومن جي ٻين ماتحت ادارن جا رڪن چونڊي ٿو. عام طرح هن اداري جو هر سال سيپٽمبر کان ڊسمبر جي مهينن تائين، اداري جي صدر يا سيڪريٽري جنرل جي مهنداريءَ ۾ هڪ ڀيرو جنرل اجلاس ڪوٺايو ويندو آهي. انهن ٻنهي عهديدارن جي چونڊ ووٽ ذريعي ٿيندي آهي. عام طور تي صدر ڪنهن غريب مُلڪ مان چونڊيو ويندو آهي، جڏهن ته سيڪريٽري جنرل جي چونڊ ۾ تمام گهڻي ورڪ ڪرڻي پوندي آهي. هن اداري کي گڏيل قومن جي ڪم جي نگراني، نظرثاني ۽ جائزي جا اختيار ڏنل آهن. اداري جو وهنوار هلائڻ لاءِ 17 نائب صدر ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جا 17 چيئرمن چونڊيا ويندا آهن. اهي سڀ عهديدار صدر سان گڏجي ”جنرل ڪميٽيون“ جوڙيندا آهن، جيڪي اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي، پنهنجون تجويزون صدر کي پيش ڪندا آهن. اهي ڪميٽيون ۽ عُهديدار دُنيا جي مُختلف خطن جي نمائندگيءَ جي بُنياد تي رکيا ويندا آهن. جنرل اسيمبليءَ جون هيٺيون 6 مُک ڪاميٽيون آهن.
(1) هٿيارن جي ڊوڙ گهٽائڻ ۽ عالمي تحفظ جي ڪميٽي.
(2) معاشي معاملن بابت ڪميٽي. (3) سماجي ۽ انساني ڀلائيءَ ۽ ثقافتي معاملن جي ڪميٽي.
(4) نو آبادياتي نظام جي خاتمي بابت ڪميٽي.
(5) انتظامي ۽ بجيٽ جي معاملن جي ڪميٽي.
(6) قانوني معاملن بابت ڪميٽي. جنرل اسيمبلي گڏيل قومن جي پڌرنامي ۾ درج ڪنهن به معاملي تي بحث ڪري سگهي ٿي، خاص ڪري بين الاقوامي سلامتيءَ جي معاملن تي اها مسلسل غور ڪندي رهي ٿي. بين الاقوامي تعاون وڌائڻ لاءِ سفارشات مرتب ڪرڻ به هن ئي فورم جي ذميواري آهي . گڏيل قومن جي اطلاع موجب هن وقت دُنيا جا 193 مُلڪ هن اداري جا ميمبر آهن، جن کي انفرادي طرح برابريءَ جي بُنياد تي هڪ ووٽ جو حق حاصل آهي. اداري جو پهريون اجلاس 10 جنوري 1946ع تي لنڊن ۾ ٿيو، جنهن ۾ دنيا جا 51 ملڪ شريڪ ٿيا


Remember Me Also:

کاٽير

ذ. صفت. کاٽي کڻندڙ. کاٽڙيو ، کامڙيو ، ڪوڏاريو .

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal